Wednesday 27 April 2016

ڪراچيءَ ۾ جيل جي شروعات

ڪراچيءَ ۾ جيل جي شروعات

ڪراچيءَ ۾ چارلس نيپئر جي دور ۾ 1847ع ۾ شهر ۽ فوجي ڪئمپ جي وچ ۾ انهي جاءِ تي جتي اڄ سٽي ڪورٽ جي بلڊنگ آهي، جيل قائم ڪيوويو.ياد رهي ته هاڻوڪي سول هسپتال واري جاءِ تي انگريزن جي قبضي وقت کالي ميدان هو. ڪراچيءَ تي قبضي جي ٻئي ڏينهن منهوڙي کان ايندڙ انگريز فوجي انهيءَ خالي ميدان تي ڪيمپ لڳائي رهڻ لڳا هئا ۽ هي علائقو فوجي ڪئمپ ۾ تبديل ٿيو.

50 سالن تائين ڪراچي ڊسٽرڪ جيل جاءِ هتي ئي رهي. پهرين هي هڪ سادي جاءِ ۾ هئي، بعد ۾ 1858ع ۾ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمنٽ ساڍن ڏهن ايڪڙن تي 112412 رپين جي خرچ سان نئين بلڊنگ تيار ڪئي. 1868ع ۾ هن کي وڌايو ويو.قيدن کي رکڻ جي گنجائس 800 تائين هئي جنهن ۾ قيدن لاءِ کوليون، ورڪشاپ نه ٺهيل هئا.
              شهر جي وچ ۾ اچڻ ڪري جيل کي هاڻوڪي ڪرچي سنٽرل جيل واري  جاءِ تي منتڪل ڪيو ويو. جيل واري جاءِ تي چراھه گاهه هوندو هو،سبزي منڊي واري جاءِ ۽ لياري نديءَ ڪناري ڳوٺ هئا. پنهورن جو ڳوٺ اڄ به جيل پويان موجود آهي. 8 اپريل 1899 ۾ جيل جي عمارت کي مڪمل ڪيو ويو،جيڪو 11000 چورس تي ٻڌل آهي. شروع ۾ هڪ هزار قيدين کي رکڻ جي گنجائش هئي،هن وقت جيل ۾ رکڻ جي گنجائش 3000 هزار آهي.پر قيدي 4000 هزار کان مٿي آهن. پهرين جيل سپرنٽينڊينٽ مسٽر ڊي سولومن هو. جيل ۾ قيدين کي مصروف رکڻ لاءِ 1928ع ۾ هڪ فيڪٽري به اڏي وئي، هن کان سواءِ جيل جي ڪجھ حصي تي زراعت به ڪئي ويندي هئي. جتي قيدين لاءِ سبزيون وغيره پوکيون وينديون هيون. هاڻي اها فيڪٽري تباهه ٿي وئي آهي ۽ ِِزرعي ايراضي جي ڪجه ڀاڱي تي نوان وارڊ اڏيا ويا آهن. جيل ۾ هڪ اسڪول به آهي جتي قيدين جا ٻارتعليم حاصل ڪن ٿا.جيل ۾ جيل سپرنٽينڊينٽ لاءِدفتر، رهڻ جي جاءِ ۽ ٻين سپائين لاءِ رهڻ جون جائيون موجود آهن. 1899ع ۾ هن جي اڏاوٽ تي3،57000 خرچ ٿيا هئا.
              ورهاڱي کان پو۽ 1974ع ۾ نيشنل هاءِ وي تي لانڊي واري علائقي ۾ لانڊي جيل اڏيو ويو. جتي ٻارن جو جيل به آهي. جڏهن ملير ضلعو ٺيو ته هن جو نالو ڊسٽرڪ جيل ملير ايٽ لانڊي رکيو ويو هن ۾ قيدين کي رکڻ جي گنجائش 893 آهي. پرهن وقت جيل ۾ 3000 قيدي آهن. عورتن جي جيل ۾ قيدين جي گنجائش 102 آهي. پر قيدي 126 آهن ۽ ٻارن واري جيل ۾ قيدين جي گنجائش 350 آهي ۽ قيدي 589 آهن.(سرڪاري رپورٽ 2006ع)